سي. اين. جي CNG

سي. اين. جي CNG

سي. اين. جي CNG

سي. اين. جي CNG

سي اين جي CNG

سي. اين. جي (CNG): ’ڪمپريسڊ نيچرل گئس‘ (Compressed Natural Gas) جو مخفف سي. اين. جي آهي. هيءَ گئس 1990ع جي ڏهاڪي ۾ عام ٿي. ان کان اڳ دنيا ۾ هن گئس تي تجربا هلي رهيا هئا. سي. اين. جي کي گاڏين ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي متبادل ٻارڻ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. هيءَ گئس ارجنٽائين، اٽلي، آمريڪا ۽ يورپين ملڪن ۾ عام استعمال ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ قدرتي گئس جو وڏو ذخيرو هجڻ سبب سي. اين. جي جو استعمال تمام گھڻو آهي. ابتدا ۾ هتي سي. اين. جي اسٽيشن لاءِ پرڏيهه مان سڄو پلانٽ وٺي لڳايو ويندو هو. اڄڪلهه ڪارن سان گڏ ويگنن، بسن ۽ ٽرڪن ۾ به سي. اين. جي ڪِٽون لڳايون وڃن ٿيون. سال 2012ع جي سروي موجب پاڪستان دنيا جو ٽيون نمبر ملڪ آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ سي. اين. جي تي هلندڙ گاڏين جو استعمال ٿي رهيو آهي. سڄي ملڪ ۾ سوين سي. اين. جي اسٽيشنون قائم آهن، جڏهن ته هزارين گاڏين ۾ سي. اين. جي ڪِٽ لڳي چڪي آهي.
پاڪستان ۾ ايڇ. ڊي. آءِ. پي نالي ادارو سي. اين. جي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي، جتي سئلينڊر کي چڪاسي، ان کي وڌيڪ مدت لاءِ هلڻ يا نه هلڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو آهي. سي. اين. جي جي سئلينڊر جي مدت پنج سال مقرر آهي، انهيءَ کانپوءِ ان جي چڪاس لازمي قرار ڏني وئي آهي، ٻيءَ صورت ۾ ان جي ڦاٽڻ جو خطرو آهي. ملڪ جي ڪجھه ٻين شهرن ۾ گاڏين اندر لڳل پراڻيون ۽ ناقص سي. اين. جي سئلينڊر ڦاٽڻ سبب جاني نقصان ٿيڻ جا واقعا رونما ٿيا آهن. ملڪ ۾ هلندڙ توانائيءَ جي بحران ۽ ڪارخانن ۾ گئس جي گهڻي استعمال سبب سي. اين. جي سپلاءِ جي لوڊ شيڊنگ پڻ ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو